ٽنڊو باگو مدرسو

ٽنڊو باگو مدرسو:: هيءُ مدرسو 1921ع ۾ خانبهادر غلام محمد خان ٽالپر شهر ٽنڊي باگي ۾ قائم ڪيو. مير صاحب هڪ نيڪ مرد ۽ قومي درد رکندڙ انسان هو. کيس لاڙ جي غريبن جو ڏاڍو احساس هو. خاص ڪري مسلمانن ۾ تعليم نه ڏسي کيس احساس ٿيو ته ڇو نه انگريزي اسڪول کولرائي، غريبن جي ٻارن کي انگريزي تعليم ڏياري، کين سڌارجي. مير صاحب، ٽنڊي باگي شهر جي ميمڻ محلي ۾ مرحوم محمد صديق ”مسافر“جي اوطاق جي هڪ ڪمري ۾ 1921ع ۾ A.V ڪلاسن جو بندوبست ڪيو ۽ اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر به محمد صديق ”مسافر“ ئي مقرر ٿيو. سال 1924ع ۾ مير صاحب، اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ هڪ عاليشان عمارت جوڙائي. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو ڪمشنر لارينس صاحب هو ۽ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر گبسن هو. انهن صاحبن جي نالن پٺيان اسڪول جو نالو ”لارينس مدرسو“ رکيو ويو ۽ جڏهن ته هاسٽل جو نالو ”گبسن هاسٽل“ رکيو ويو. مير صاحب غريب شاگردن لاءِ رهائش، کاڌ خوراڪ کان سواءِ ڪتابن وغيره جو به مفت بندوبست ڪيو هو. هاسٽل جي خرچ واسطي ان وقت بئنڪ ۾ اڍائي لک روپيا رکيا هئائين، جن جي منافعي مان اڄ سوڌو هاسٽل جو خرچ هلي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو